(۱) ڏندن جون بيماريون: ڏندن جي لڏڻ لاءِ ٻٻر جو ڇوڏو ڪُٽي، ڪپڙ-ڇاڻ ڪري، لوڻ ملائي، ڏندن تي مهٽجي ۽ ٻٻر جو ڏندڻ کل سوڌو ڪجي ته ڏند مضبوط ٿيندا.

(۲) مهارن مان رت وهڻ: ٻٻر جو ڇوڏو پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، ڦِٽڪي ملائي گرڙيون ڪجن.

(۳) وات پچي پوڻ: ٻٻر جو ڇوڏو پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، ليمي جي رس يا ڦڪٽي ملائي گرڙيون ڪجن.

(۴) جهوني کنگھ: مٺي ڪاٺي، ڪارا مرچ ۽ ٻٻر جو کونئر هم وزن ڪٽي، ماکي ملائي، گوريون ٺاهي رکجن، ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا پاڻيءَ سان هڪ هڪ گوري وٺجي.

(۵) رت  جا دست: ٻٻر جا پن هڪ تولو، ٿاڌل وانگر گهوٽي، مصري ملائي پيئجي ته هر قسم جا رت جا دست اچڻ بند ٿي ويندا.

(۶) پيچش: ٻٻر جو کونئر اڌ تولو ڪڻڪ جي اٽي ۾ ڳوهي، ڦلڪو پچائي کائجي.

(۷) ڪاڪڙو ڪرڻ: ٻٻر جي کل هڪ تولو ڪاڙهي، ان سان گرڙا ڪجن.

(۸) پيشاب بند ٿي وڃڻ: ٻٻر جا پن ۽ قلمي شورو ۳-۳ ماسا گهوٽي پيئڻ سان، پيشاب خلاصو ايندو.

(۹) مٺا پيشاب: ٻٻر جو کونئر سچي گيھ ۾ ڀُڃي، صبح ۽ شام جو هڪ هڪ رتي پاڻيءَ سان وٺجي.

(۱۰) ناسور: ٻٻر جو کونئر، سُرڪي ۾ گهوٽي، پهو ٺاهي، زخم تي ٻڌي ڇڏجي.

(۱۱) بواسير: ٻٻر جون ڦريون سڪائي، ڪٽي ڇاڻي پاڻيءَ سان ۳ ماسه هڪ دفعو ڏينهن ۾ ڦڪجي.

(۱۲) ڪامڻ/ سائي: ٻٻر جون ڦريون ڇانوَ ۾ سڪائي، ڪٽي، ڇاڻي، هم وزن مصري ملائي، پاڻيءَ سان ۳ دفعا روزانه ڦڪجي.

(۱۳) ڏڍ: ٻٻر جا گل سُرڪي ۾ گهوٽي ليپ ڪجي.

(۱۴) باھ جو سرڻ: ڪو به عضوو باھ ۾ سڙي پوي ته ٻٻر جو کونئر، پاڻيءَ ۾ ڳاري ليپ ڪجي.

(۱۵) وڇونءَ جو ڏنگ: ٻٻر جا پن وات ۾ چٻاڙي، ڪنن ۾ زور سان ڦوڪون ڏجن ۽ چٻاڙيل پن، ڏنگ واري هنڌ تي ليپ ڪجن، ته زهر لهي ويندو.

(۱۶) مردانه مرض (جريان): ٻٻر جا پن ڇانوَ ۾ سڪائي، ڪُٽي ڪپڙ-ڇاڻ ڪري، هم وزن مصري ملائي، هڪ تولو کير يا پاڻيءَ سان ڦڪجي ته فائدو ٿيندو. يا ٻٻر جي اندرين نرم کل، ٻٻر جو کونئر، ٻٻر جا ڪچا پاپڙا، ٻٻر جا گل، ٻٻر جي گونچن جا نرم پن، اهي سڀ شيون ڇانو ۾ سڪائي، ڪٽي، هم وزن کنڊ ملائي، تِري ڀَري، روز صبح جو ڳائي ڪچي کير سان يا پاڻيءَ سان کائجي ته، جريان جي تڪليف ختم ٿي ويندي.

(۱۷) سوزاڪ: ٻٻر جا پن ۽ ڪارا مرچ پنج داڻا، ٿاڌل وانگر گهوٽي، کنڊ يا مصري ملائي پئجي ته فائدو ٿيندو. ٻٻر جو کونئر سچي گيھ ۾ تري، ڪٽي، مصري ملائي رکجي ته، جيڪو هر قسم جي مردانه مرض لاءِ اڪسير آهي.

(۱۸) زنانه مرض (سفيد پاڻي):

ٻٻر جو کونئر هڪ تولو ڏهن تولن پاڻي ۾ رات جو پسائي رکجي، صبح جو ماکي ملائي پي ڇڏجي ته زنانه مرضن لاءِ اڪسير آهي.